سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين عهدي تان برطرف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي حڪومت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل کي عهدي تان هٽائڻ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب آغا سهيل کي قاعدن جي ڀڃڪڙي تي عهدي تان هٽايو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته چيئرمين تي درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن.
صوبائي حڪومت اختر بگٽي کي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي مقرر ڪيو آهي.
واضح رهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل کي اڳ به ڪرپشن جي الزامن تي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.