سنڌ هاءِ ڪورٽ جو عمران خان جي حق ۾ وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان جا بيان نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف ڪيس ۾ پيمرا جو 4 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري، عمران خان جا بيان نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي بيانن تي پابندي لاڳو ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پيمرا غير قانوني طور پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته پيمرا جو 4 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
بئريسٽر علي طاهر جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت عمران خان جي بيانن تي پابندي خلاف درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پيمرا جو 4 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست تي پيمرا ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 21 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.