هاٿي جي ٻچي کي ڪار جو ٽڪر لڳڻ بعد هاٿين جو خطرناڪ پلاند

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته هاٿي پنهنجي دشمني کي ناهن وساريندا، اهڙو مثال ملائيشيا ۾ ڏسڻ لاءِ مليو جتي هڪ ڪار سان هاٿي جو ٻچو ٽڪرائجي ويو پر پوءِ هاٿين به پلاند ورتو.

48 سالن جو محمد ازيان، محمد نور پنهنجي زال ۽ پٽ سان پينانگ وڃي رهيو هو ته هاٿين جي هڪ ٽولي جي گذرڻ وقت هڪ هاٿي جو ٻچو سندن گاڏي سان ٽڪرائجي ويو.

پو3 پنجن ٿلهن متارن هاٿين به نه ڪئي هم نه تم، ڪار تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ ڪار جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا.

هاٿي جي ٻچي کي ته ڪجهه به نه ٿيو هو پر هاٿين اهو سمجهو ته اهي دشمن اسان تي حملو ڪندا.

هاٿين ڪار جي درين کي به ڀڃي ڇڏيو ۽ تيز آواز ۾ گجگوڙ سان ڪوڪون ڪري رهيا هئا.

هاٿين زور ڏئي گاڏي کي اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر خوش قسمتي سان ڪار ۾ سوار ماڻهو زخمي ٿيا ۽ موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي ويا.

جڏهن هاٿين جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ته پوءِ اهي اتان روانا ٿي ويا.

هاٿي ڪار کي اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.