اڻڄاتل ماڻهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ذاتي ڀلائي لاءِ فائديمند قرار

سسيڪس (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صبح جو وقت ماڻهن ماڻهن سان (خاص ڪري اڻڄاتلن سان) دوستاڻي ڳالهه ٻولهه پنهنجي ذاتي ڀلائي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي.

جرنل سوشل سائڪولوجي اينڊ پرسنيلٽي سائنس ۾ ڇپيل تحقيق ۾ محققن 60 هزار ماڻهن (جن ۾ 40 هزار کان وڌيڪ جو واسطو برطانيا سان هو) جي رويين جو معائنو ڪيو.

تحقيق ۾ خبر پئي ته موقعي تي ڪيل ڳالهه ٻولهه، سلام ڪرڻ ۽ ٿورو مڃڻ پنهنجائپ جو احساس قائم ڪندي ذهني ۽ جسماني ڀلائي ۾ اضافو ڪري سگھي ٿو.

اها تحقيق ترڪي جي سبانجي يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ اسريٰ ايسجيگل جي رهنمائي ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ برطانيا جي يونيورسٽي آف سسڪس جي محققن به حصو ورتو.

تحقيق ۾ حصو وٺندڙن جي ٻن ڌار گروپن کان ڪجهه سوال ڪيا ويا. انهن سوالن ۾ پڇيو ويو ته گذريل ستن ڏينهن ۾ هنن ڪيترن اڻڄاتل ماڻهن سان گفتگو ڪئي؟ ۽ هنن کان پنهنجي زندگي بابت مطمئن هجڻ بابت پڇيو ويو.

نتيجن موجب اهي ماڻهو جن اڻڄاتل ماڻهن سان گفتگو ڪئي هئي اهي پنهجي زندگي مان وڌيڪ مطمئن نظر آيا هئا.

ڊاڪٽر اسريٰ ايسجيگل ٻڌايو ته پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ ۾ اهو محسوس ٿيندو آهي ته ٻيا ماڻهو اوهان کي قبول ڪري رهيا آهن ۽ اوهان جو قدر ڪري رهيا آهن. ان شيءِ کي اڪثر انسان جي بنيادي ضرورت قرار ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.