250 فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتي اداڪار فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار جونيئر محمود ڪينسر سان وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو.
ڀارتي ميڊيا اداڪار جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اداڪار ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو.
ٻڌايو پيو وڃي ته اداڪار ڪينسر جي 4 اسٽيج تائين پهچي ويو هو جنهن جو انڪشاف 2 هفتا اڳ ٿيو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب گذريل رات سندس طبيعت گھڻي خراب ٿي وئي جنهن سبب اداڪار 67 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ پنهنجي گھر ۾ فوت ٿي ويو.
فلمي ڪيريئر

اداکار جونیئر محمود کی ہٹ فلموں میں کٹی پتنگ، میرا نام جوکر، پرورش، دو اور دو پانچ جیسی فلمیں شامل ہیں/ فائل فوٹو
جونيئر محمود پنهنجي اداڪاري جي شروعات 1976ع ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور ڪئي ۽ سندس پهرين فلم ”نونهال“ هئي.
سندس فلمي ڪيريئر 5 ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ هن 250 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جونيئر محمود جي هٽ فلمن ۾ ڪٽي پتنگ، ميرا نام جوڪر، پرورش سميت ٻيو فلمون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.