سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ پرڏيهين کي ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته سڀني غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلي رهيا آهيون، جيڪي هتي رهن ٿا، انهن لاءِ پاليسي جوڙي آهي، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ افغانين کي ڊي پورٽ ڪنداسين.
پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستاني شهريت رکندڙ افغاني ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندا، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته اسان چونڊن جي حوالي سان سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين، رياستي ادارن کي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻي پوندي آهي، سيڪيورٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي هر درخواست تي عمل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.