هفتيوار مهانگائي نه گهٽجي سگهي، 15 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي 1.16 سيڪڙو وڌي وئي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي ان جي شرح 42.68 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب 15 شين جا اگهه وڌيا، بصر، بيضا، مڱن جي دال، مهري دال، کنڊ، ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر، ڪيلا، چانهه جي پتي، ڏهي ۽ ٻاڪرو گوشت مهانگو ٿيو.
انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي ۾ 14 شيون سستيون ٿيون، جن ۾ ٽماٽو، ڪڪڙ جو گوشت، پٽاٽو، چانور، گيهه، اٽو، چڻن جي دال شامل آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 22 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.