ن ليگ، آءِ پي پي سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿي ويو.
ن ليگ صدر شهباز شريف سان آءِ پي پي جي سربراهه جهانگير ترين ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب اها ملاقات گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ ن ليگ طرفان راڻا ثناءُ الله، اياز صادق ۽ آءِ پي پي جو عون چوڌري به موجود هو.
ذريعن ٻڌايو ته ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب ن ليگ ۽ آءِ پي پي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿي ويو ته ٻئي جماعتون سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيٽن جو نمبر ڇا هوندو؟ اهو ايندڙ ملاقاتن ۾ پيپر ورڪ سان طئي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.