موسمياتي تبديليون، ماهرن 2024ع ڳڻتي جوڳي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

2024ع جي شروعات اڃا ناهي ٿي پر ان حوالي سان ڳڻتي جوڳي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

برطانيا جي موسميات کاتي تنبيهه ڪئي آهي ته جديد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2024ع ۾ سراسري گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپي ويندو.

واضح رهي ته 2015ع جي پيرس معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپڻ نه ڏنو ويندو.

ماهرن موجب ڪنهن هڪ سال ۾ گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي هوندو ته پيرس معاهدي جو هدف حاصل نٿو ڪري سگھجي.

هن ٻڌايو ته گرمي پد قدرتي طور تي گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي ۽ امڪان آهي ته 2024ع کان پوءِ ساليانو سراسري گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان هيٺ اچي وڃي.

پر پوءِ به 2024ع ۾ سراسري عالمي گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ اضافو اهم منفي رڪارڊ هوندو.

برطانوي موسميات کاتي جو چوڻ هو ته 2024ع جي آخر تائين سراسري عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.34 سينٽي گريڊ کان 1.58 سينٽي گريڊ وچ ۾ رهندو.

ماهرن ٻڌايو ته هلندڙ سال سراسري عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.2 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ اهڙيءَ طرح اهو 2016ع کي پوئتي ڇڏي تاريخ جو گرم ترين سال بڻجي ويندو.

هن چيو ته ايل نينو سبب 2024ع دوران گرمي پد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جنهن جي ڪري سراسري گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپي ويندو.

رپورٽ موجب ايل نينو ۽ موسمياتي تبديليون امڪاني طورتي گڏجي وينديون ۽ ايندڙ سال عالمي گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو.

برطانوي موسمياتي کاتي جي عهديدار ڊاڪٽر Nick Dunstone ٻڌايو ته اڳڪٿي عالمي سطح تي گرم موسم ۾ اضافي موجب آهي جنهن ۾ ايل نينو به ڪردار ادا ڪندو.

هن چيو ته اسان کي توقع آهي ته عالمي گرمي پد جي حوالي سان 2023ع ۽ 2024ع رڪارڊ قائم ڪندڙ سال ثابت ٿيندا ۽ پهريون ڀيرو اسان اڳڪٿي ڪري رهيا آهيون ته ڪنهن هڪ سال دوران سراسري طور تي گرمي پد عارضي طور تي 1.5 ڊگري سينٽي کان وڌي ويندو.

ٻين ماهرن موجب گرمي پد جا ڪيترائي نوان رڪارڊ بڻجڻ جو سبب انسانن جي ڪري ٿيندڙ موسمياتي تبديليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.