ڪراچي ۾ گذريل رات هلندڙ سياري جي ٿڌي ترين رات رهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ شهر ۾ گذريل رات هلندڙ سياري جي ٿڌي ترين رات رهي.
موسميات کاتي موجب گذريل رات ڪراچي جو گهٽ کان گهٽ پارو 13.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو هن سال جو سڀ کان گهٽ گرمي پد آهي.
موسمياتي ماهرن ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ٿڌ اڃا وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 12 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته وڌ کا وڌ گرمي پد 28 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.