وڪيپيڊيا تي 2023ع ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور پيج ڪهڙا رهيا؟

وڪيپيڊيا سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وزٽ ڪئي ويندڙ ويب سائيٽس مان هڪ آهي، جيڪا 2001ع کان هڪ اوپن آن لائين انسائڪلوپيڊيا جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي.

هر سال وڪيپيڊيا جي پيجز کي ماڻهن پاران اربين ڀيرا ڏٺو ويندو آهي.

2023ع ۾ وڪيپيڊيا سائيٽ تي 84 ارب کان وڌيڪ ڀيرا ماڻهن وزٽ ڪيو ۽ هاڻي آن لائين انسائڪلوپيڊيا پاران سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندڙ مضمونن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.

ان فهرست مان اندازو ٿئي ٿو ته 2023ع ۾ ماڻهن آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ)، سڄي دنيا ۾ فوتگين، ڪرڪيٽ ۽ اوپن هائيمر بابت ڄاڻڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي ظاهر ڪئي.

هن سال وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندڙ 10 مضمون هيٺ بيان ڪجن ٿا:

10-پٺان (فلم)

بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ان فلم بابت ڄاڻڻ لاءِ وڪيپيڊيا پيج تي هڪ ڪروڙ 99 لک 32 هزار 509 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

2023-09انڊين پريميئر ليگ

ڀارتي ڪرڪيٽ ڪرڪيٽ وڪيپيڊيا پيج تي 2 ڪروڙ 6 لک 94 هزار 974 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

8-جوان (فلم)

شاهه رخ خان جي هلندڙ سال هڪ ٻي فلم به ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي ۽ ان کي وڪيپيڊيا تي 2 ڪروڙ 17 لک 91 هزار 126 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

7-جي رابرٽ اوپن هائيمر

ڊاڪريٽر ڪرسٽوفر نولان جي فلم جي ڪري آمريڪا سان واسطو رکندڙ سائنسدان بابت ڄاڻڻ لاءِ ماڻهن 2 ڪروڙ 56 لک 72 هزار 469 ڀيرا وڪيپيڊيا تي وزٽ ڪيو.

6-ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي وڪيپيڊيا پيج تي 2 ڪروڙ 59 لک 61 هزار 471 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

5-اوپن هائيمر (فلم)

ان هالي ووڊ فلم ۾ ماڻهن گھڻي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ان جي وڪيپيڊيا پيج تي 2 ڪروڙ 83 لک 48 هزار 248 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

4-انڊين پريميئر ليگ

هي وڪيپيڊيا پيج 2023ع جي وڪيپيڊيا پيج کان ڌار آهي جنهن تي هلندڙ سال دوران 3 ڪروڙ 20 لک 12 هزار 810 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

2023-3 ڪرڪيت ورلڊ ڪپ

هلندڙ سال ڀارت ۾ ٿيل ايونٽ وڪيپيڊيا پيج تي 3 ڪروڙ 81 لک 71 هزار 653 ڀيرا وزٽ ڪيو ويو.

2-ڊيٿس ان 2023

ان پيج ۾ ماڻهن کي دلچسپي ڇو هئي، اهو واضح ناهي، پر ان جي پيج جا ويوز 4 ڪروڙ 26 لک 66 هزار 860 رهيا.

1-چيٽ جي پي ٽي

آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ وڪيپيڊيا پيج تي ماڻهن سڀ کان وڌيڪ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ان جي پيج جا ويوز سڄو سال 4 ڪروڙ 94 لک 90 هزار 406 رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.