ڪراچي: عائشا منزل ڀرسان دڪانن ۽ فليٽن ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي عائشا منزل ڀرسان دڪانن ۽ رهائشي فليٽن ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي.
ڪراچي جي علائقي عائشا منزل ڀرسان عرسي شاپنگ مال ۽ 4 ماڙ رهائشي فليٽن ۾ باهه لڳي وئي، باهه دڪانن اڳيان بيٺل گاڏين کي نقصان پهچايو.
فائر بريگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته دڪانن کان شروع ٿيندڙ باهه رهائشي عمارت تائين به پهچي وئي، فائر بريگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون آهن.
پوليس ٻڌايو ته فوم جي هڪ دڪان ۾ اوچتو باهه لڳي، جيڪا پکڙجندي وئي، سڀني دڪانن ۾ فوم ۽ ميٽرس موجود آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس، ريسڪيو ادارن طرفان رهائشي عمارت مان ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.