ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ پائيدار ترقي لاءِ 65 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جا فنڊ منظور ڪري ورتا.
اي ڊي بي طرفان پاڪستان لاءِ وڏي خبر اچي وئي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ پائيدار ترقي لاءِ 65 ڪروڙ 90 لک ڊالر منظور ڪري ورتا آهن.
اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف موجب فنڊ سان پاڪستان کي 2022 دوران مهانگائي ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اي ڊي بي ٽن هفتن لاءِ هلندڙ هفتي منظوري ڏني آهي، 65 ڪروڙ 90 لک ڊالرن مان 65 ڪروڙ 52 لک ڊالر قرض آهي.
30 ڪروڙ ڊالر وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ استعمال کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا، جڏهن ته سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ منصوبي کي 27 ڪروڙ 50 لک ڊالر ملندا، جنهن سان ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل 16 سئو اسڪولن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي.
سنڌ کي 8 لک ڊالر ٽيڪنيڪي گرانٽ فراهم ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني به ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪي پي فوڊ سيڪيورٽي سپورٽ پراجيڪٽ لاءِ 8 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويندا.
جاپان فنڊ مان ڪي پي ۾ هاري عورتن کي 30 لک ڊالر ملندا، سنڌ جا ساڍا 27 ڪروڙ ڊالر ۽ ڪي پي جا 8 ڪروڙ ڊالر اي ڊي بي طرفان ڏيڍ ارب ڊالر جي منظور ٿيل قرض جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.