ڪينبرا: ٽور ميچ جو پهريون ڏينهن پاڪستان جي نانءِ، شان مسعود جي شاندار سينچري

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آسٽريليا جي دوري جي شروعات اڄ کان ڪينبرا ۾ پرائم منسٽر اليون خلاف چئن ڏينهن جي ميچ سان ڪري ڇڏي، پهريون ڏينهن قومي بيٽرن جي نالي رهيو ۽ پاڪستان 6 وڪيٽن تي 324 رنسون ٺاهي ورتيون.
ڪينبرا ۾ پرائم منسٽر اليون خلاف قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهي ورتيون.
شان مسعود جو ڪپتان طور هي پهريون دورو آهي ۽ هن پنهنجي آسٽريليا جي دوري جي شروعات ڌماڪيدار اننگز سان ڪئي، هو 156 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي ۽ ڊبل سينچري ڏانهن وڌي رهيو آهي.
پاڪستان طرفان امام الحق ۽ عبدالله شفيق اننگز اوپن ڪئي پر امام هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ رڳو 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
عبدالله شفيق ڪپتان سان گڏجي ٻي وڪيٽ لاءِ 58 رنسن جي ڀائيواري جوڙي، 76 جي مجموعي اسڪور تي عبدالله شفيق آئوٽ ٿي ويو، جنهن 38 رنسون ٺاهيون.
پوءِ ڪپتان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بابر اعظم ڪريز تي آيو ۽ ٻنهي ٽين وڪيٽ لاءِ 92 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، بابر اعظم 40 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، سرفراز احمد 41، فهيم اشرف 17 ۽ سعود شڪيل 10 رنسون ٺاهيون.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پاڪستان 89.4 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهيون، پي ايم اليون جو جورڊن بيڪنگهم 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.