موسمياتي تبديلي،دنيا قيامت جهڙي تباهي کي منهن ڏيندي:ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

اسان جي سياري کي گم ڪندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گيس جي گدلاڻ جي شرح وڌڻ سبب انسانيت ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي.
گلوبل ٽپنگ پوائنٽس نالي رپورٽ ۾ سائنسدانن تنبيهه ڪئي آهي ته گرمي پد وڌڻ سبب زمين تباهه ڪندڙ رستي ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب قدم نه پيا کنيا وڃن.
رپورٽ ۾ زمين جي 25 کان وڌيڪ مختلف نظامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن کي نقصان رسي رهيو آهي.
رپورٽ موجب زمين جي موجودا گرمي پد سبب 5 بنيادي نظام اڳ ئي تباهي جي ويجهو آهن ۽ جيڪڏهن اسان جي سياري جو گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.5 سينٽي گريڊ کان ٽپي وڃي ٿو ته 2030ع جي ڏهاڪي ۾ 3 ٻيا نظام به تباهي ٿي سگھن ٿا.
رپورٽ موجب اهم ماحولياتي رخن کي نقصان پهچڻ سان معاشرن تي تباهه ڪندڙ اثر پوندا، ڇو جو پرتشدد جهيڙن، وڏي پئماني تي بي دخلي ۽ مالي عدم استحڪام جو امڪان وڌي ويندو.
سائنسدانن جو چوڻ هوته سماجي روين، ٽيڪنالاجي، معيشت ۽ سياسي نظامن ۾ هاڪاري تبديلين کي هٿي ڏئي ئي اسان جي سياري جي خطرن کي محدود ڪري سگھجي ٿو.
سڄي دنيا جي 200 کان وڌيڪ سائنسدانن اها رپورٽ جوڙي آهي ۽ ان تي سيپٽمبر 2022ع کان ڪم ڪيو پئي ويو.
هنن ٻڌايو ته زمين جي مختلف نظامن جي جهڙي طرح جا سنگين خطرا آهن، انهن کي انسانيت ڪڏهن به منهن ناهي ڏنو، جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته قيامت جهڙي تباهي لاءِ تيار رهڻو پوندو.
هنن چيو ته زهريلا گيس خارج ٿيڻ سان مختلف موسمياتي تبديليون جهڙوڪ هيٽ ويوز جي شدت ۾ جيئن جو تيئن اضافو ٿي رهيو آهي پر گرمي پد ۾ اضافو جاري رهڻ سان قدرتي نظام تيزي سان تبديل ٿي ويندو.
هنن ٻڌايو ته جڏهن هڪ موسمياتي نظام متاثر ٿيندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ اسان جي سياري جي فعلن ۾ هميشه لاءِ تبديلي اچڻ جو خطرو وڌندو آهي.
سائنسدانن موجب اڃا اهو چوڻ ممڪن ناه يته ڪيستائين انهن نظامن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي پر اسان دريافت ڪيو آهي ته 5 سسٽمز متاثر ٿي چڪا آهن ۽ ان لسٽ ۾ وڌيڪ 3 جو اضافو ٿيڻ وارو آهي.
اها رپورٽ دبئي ۾ جاري ڪوپ 28 موسمياتي ڪانفرنس جي موقعي تي جاري ڪئي وئي آهي.
ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو هو ته هن وقت جنهن شرح سان زهريلا گيس خارج ٿي رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ هلندڙ صدي جي پڄاڻي تائين زمين جي گرمي پد ۾ صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 2.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ٿي سگھي ٿو.
واضح رهي ته 2015ع جي پيرس معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپڻ نه ڏنو ويندو.
سائنسدانن موجب سموري غير يقيني صورتحال جي باوجود زمين جي خطرن کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي ڇو جو مختلف نظامن جي تباهه ٿيڻ سان قيامت جهڙي تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.