آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري جوليٽا والس جي افغانين جي آبادڪاري تي پاڪستان سان مشاورت

افغان پناهگيرن جي تحفظ، انهن جي محفوظ ۽ اثرائتي آبادڪاري ۽ آمريڪا ۾ منتقلي لاءِ آمريڪي مددگار پرڏيهي وزير جوليٽا والس نوئيس 4 کان 6 ڊسمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو.
دوري کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتن ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري نوئيس خيالن جو اظهار ڪيو ته ڪيئن ٻئي ملڪ آمريڪا ۾ لڏپلاڻ ۽ ٻيهر آبادڪاري جي ڪارروائي کي تيز ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.
آمريڪا پاڪستان حڪومت سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
آمريڪا آبادڪاري دوران عدم بحالي، ڪمزور پناهگيرن ۽ پناهه ڳوليندڙن جي حفاظت سميت عالمي انساني اصولن کي برقرار رکڻ جي حوصلا افزائي ڪئي.
اسسٽنٽ سيڪريٽري نوئيس افغان پناهگيرن سان سڌي ريت ملاقات ڪئي ۽ انهن جا خدشا ٻڌا.
پڌرائيءَ موجب آمريڪا افغانين ۽ ٻين پناهگيرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، انهن ماڻهن سوڌو جيڪي آمريڪا ۾ آبادڪاري جا اهل آهن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسان پاڪستان ۾ پناهگيرن جي ويزا جي ڪارروائي کي تيز ڪرڻ لاءِ سڀني امڪاني آپشنز کي فعال طور ڳوليندا رهندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.