فوجداري ڪيسن ۾ ضمانت بابت سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجداري ڪيسن ۾ ضمانت بابت فيصلي ۾ چيو آهي ته قانون تحت ٽرائل ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿيو ته جوابدار کي ضمانت جو حق آهي.
فوجداري ڪيسن ۾ ضمانت بابت سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو اچي ويو، جسٽس اطهر من الله فيصلو ضمانت جي ڪيس ۾ لکيو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فوجداري ضابطن جي قانون ۾ ٽرائل ۾ دير جي حوصله شڪني ڪئي وئي آهي، قانون تحت ٽرائل ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيو ته جوابدار کي ضمانت جو حق آهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته جن قانوني سببن تي ضمانت خارج ٿئي، انهن کي بنياد بڻائي ٻيهر ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ تي خارج ٿئي ته ان ئي گرائونڊ تي ٻيهر درخواست نٿي ڏئي سگهجي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فوجداري ضابطن جي قانون تحت ٽرائل ۾ دير جي بنياد تي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي.
عدالت قتل ڪيس ۾ گرفتار محمد عثمان جي ٻه لک رپين جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.