اسڪول بس جي در ۾ شاگردياڻي ڦاسي پئي، بس هلي پئي، وڊيو وائرل

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) مئي 2015 ۾ هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ هڪ اسڪول بس جي ڊرائيور اهو نه ڏٺو ته شاگردياڻي بس مان مڪمل طور تي لهي وئي آهي يا نه ۽ هن بس هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو.

شاگردياڻي بس مان مڪمل طور تي لٿي نه هئي ته بس کي هلايو ويو ۽ در بند ڪرڻ دوران شاگردياڻي جو ٿيلهو در ۾ ڦاسي پيو ۽ هو بس سان ريڙهيون پائيندي رهي.

نئين اسٽاپ تي پهچڻ تائين شاگردياڻي ايلي ريڊنور جو 12 سيڪڙو جسم جو حصو رهڙجي چڪو هو ۽ بي ڌياني جي الزام ۾ بس جي ڊرائيور ميلنڊا سينڊرز کي برطرف ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.