شان مسعود ٽيسٽ سيريز کان اڳ ڪينگروز کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته آسٽريليا جي دوري دوران اهڙي ڪرڪيٽ کيڏنداسين، جيڪا ٻنهي ملڪن جي شوقينن کي پرجوش ڪري.
پرائم منسٽر اليون خلاف 4 ڏينهن جي ميچ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته بيٽنگ دوران اسان کي رنسون ٺاهڻ جي رفتار تيز ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن بالر 20 وڪيٽون وٺندا ته اسان جو پلانز تي عملدرآمد آسان ٿي ويندو.
هن چيو ته اسان وٽ بالنگ جا کوڙ آپشن موجود آهن، سڊني ۾ بال ريورس ٿيندو آهي، تنهن ڪري وسيم جونيئر کي گڏ آندو آهي، جڏهن ته خرم شهزاد ۽ مير حمزا ٻئي ڊوميسٽڪ جا بهترين پرفارم آهن.
سندس چوڻ هو ته امام الحق ۽ عبدالله شفيق اوپننگ ڪندا، جڏهن ته بابر اعظم چوٿين نمبر تي کيڏندو، سرفراز احمد کي محمد رضوان تي ترجيح ڏينداسين.
شان مسعود چيو ته ڊيوڊ وارنر ڪرڪيٽ جي دنيا جو بهترين ايمبيسڊر آهي پر هيءَ سيريز ان لاءِ مختلف چئلينجن سان ڀرپور هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.