اوگرا چيئرمين خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوگرا چيئرمين مسرور خان خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي ۽ چيو ته ڪراچي ۾ ايل پي جي غير قانوني طريقي سان وڪرو ٿي رهي آهي، جيڪو وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسرور خان جتي شهر ۾ ايل پي جي جي غير معياري وڪري جو اعتراف ڪيو.
هن چيو ته غير معياري سئلينڊر ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گئس جي استعمال سان قيمتي جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته غير معياري سئلينڊر ۽ غير معياري گئس جو وڪرو ڪندڙ جي سزا 6 مهينن مان وڌائي ٻه سال ڪرڻ ۽ 10 لک رپين تائين ڏنڊ جي تجويز حڪومت کي موڪلي وئي آهي.
اوگرا چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته سستو ۽ غير معياري سئلينڊر خريد نه ڪيو، اهو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.