بيضا اصلي آهن يا نقلي؟ پتو لڳائڻ جو طريقو ڄاڻو

جيئن سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي بيضن جي گھرج ۾ اضافو ٿيندو آهي تيئن ئي هر شيءِ ۾ ملاوٽ شروع ٿي ويندي آهي، بيضن ۾ به ملاوٽ شروع ڪئي ويندي آهي ۽ جعلي بيضا مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لڳندا آهن.
ڪراچي ۾ به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن جتي مختلف دڪانن تي جعلي پلاسٽڪ جا بيضا بڻائي وڪرو ڪيا ويا، ان کانسواءِ ڀارتي شهر ڪولڪته ۾ به اهو واقعو پيش اچي چڪو آهي.
اهي بيضا ظاهري طور تي اصل بيضن جيان نظر ايندا آهن پر انهن کي کائڻ سان انساني جسم مختلف بيمارين جو شڪار ٿي سگھي ٿو، جعلي بيضن۾ شامل ڪيميڪل صحت لاءِ هاڃيڪار هوندا آهن.
جعلي بيضن کي ڪيئن بڻايو ويندوآهي ۽ اهي خطرناڪ ڇو هوندا آهن؟
ميڊيا جي رپورٽن موجب جعلي بيضنجي زردي ۾ ميدو،ڪوجينٽ ۽ ريسين نالي ڪيميڪل ۽ اڇي بيضي جي مان حاصل ٿيندڙ سوڊيم الجنيٽ هوندوآهي جيڪو انساني صحت لاءِ خطرناڪ حد تائين هاڃيڪار آهي.
ان کانسواءِ بيضي جو کول جيڪو اڇي رنگ جو هوندو آهي، ان جي تياري ۾ ڪيلشيم ڪاربونيٽ، ويڪس ۽ جپسم پائوڊر استعمال ڪيو ويندو آهي.
ماهرن موجب انهن بيضن کي کائڻ سان انسان ۾ دماغ، جيري ۽ بُڪين جون بيماريون ٿي سگھن ٿيون.
نقلي ۽ اصلي بيضن ۾ فرق ڪيئن ڪيو وڃي؟
جعلي بيضا اٻارڻ کان پوءِ گھڻا سخت ٿي ويندا آهن.
نقلي بيضن کي لوڏائي ڏسڻ تي ان جي اندران پاڻيءَ جهڙو آواز ايندو، اصلي بيضي ۾ ائين ناهي ٿيندو.
اصلي بيضي کي ٽوڙينداسين ته ان جي اڇاڻ ۽ زردي هڪ ٻئي سان مڪس ناهي هوندي، نقلي بيضي کي ٽوڙڻ تي ان جي اڇاڻ ۽ زردي مڪس ٿي ويندي آهي.
جعلي بيضن جا خول چمڪندڙ، سخت ۽ کرا هوندا آهن جڏهن ته اصلي ۾ ائين ناهي هوندو.
نقلي بيضن جي کُلن جي اندر رٻڙ جهڙي ليڪ به هوندي آهي.
اصلي بيضن جي بوءِ ڪچي گوشت جيان هوندي آهي جڏهن ته نقلي ۾ بوءِ ناهي هوندي.
نقلي بيضا اصلي بيضي جيان ڪيولين ۽ مکين جهڙن جيتن کي پاڻ ڏانهن متوجه ناهن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.