اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن چئلينج ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي باني اڳوان اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ باظابطا درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن نئين انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ۽ اڻڌري ٽين ڌر مقرر ڪري جيڪا پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن جي نگراني ڪري، شفاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ تائين چونڊ نشان (بيٽ) استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن رڳو ڏيکاءُ،ڪوڙ ۽ اليڪشن ڪميشن کي دوکو ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش هئي، فراڊ چونڊ عمل پي ٽي آءِ ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ايڪٽ 217 جي سيڪشن 208 ۽ ماتحت شق 2 جي ڀڃڪڙي آهي.
اڪبر بابر درخواست سان گڏ وڊيو فوٽيج ۽ ٻيون شاهديون به اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ٽن صفحن تي ٻڌل درخواست ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 208 جو حوالو ڏنو ويو آهي.
You might also like