2024ع جي حج لاءِ وڏو شرط ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2024ع ۾ حج لاءِ ڪورونا ويڪسين جو شرط ختم ڪيو ويو آهي.
ملڪ ۾ سرڪاري اسڪيم تحت حج لاءِ درخواستن جي وصولي جاري آهي. مذهبي معاملن بابت وزارت موجب حج درخواستن لاءِ 15 بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، حج درخواستون 15 بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگھجن ٿيون.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسڪيم تحت حج دروخواستن جي وصولي 12ڊسمبر تائين جاري رهندي، ايندڙ سال 89 هزار 605 پاڪستاني سرڪاري اسڪيم تحت حج ڪري سگھندا.
وزارت موجب نئين سال جي حج لاءِ ڪورونا ويڪسين جو شرط ختم ڪيو ويو آهي ۽ حج پانڌيئڙن کي ڪورونا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.