ڀارتي ٽي وي شو سي آءِ ڊي جو اداڪار فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرائيم ڊراما سيريل سي آءِ ڊي جو مشهور اداڪار دنيش فيڊنس فوت ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب دنيش فيڊنس جي موت جي تصديق سندس ساٿي اداڪار ۽ سي آءِ ڊي ۾ ”ديا“ جو ڪردار نڀائيندڙ ديانند شيٽي ڪئي.
رپورٽ موجب دنيش بابت 3 ڊسمبر تي ڀارتي ميڊيا تي خبرون سامهون آيون هيون ته کيس دل جو دورو پوڻ سبب ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، پر ان

پیر کی رات اداکار کی حالت بگڑ گئی جس کے بعد وہ جانبر نہ ہوسکے اور چل بسے__فوٹو: فائل

کان پوءِ ديانند شيٽي اها خبر ڪوڙي قرار ڏئي ڇڏي هئي.
ديانند شيٽي ٻڌايو ته دنيش کي جيري جو مسئلو هو، انهيءَ ڪري سندس علاج جاري هو ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هو وينٽيليٽر تي هو.
سومر جي رات جو سندس طبيعت بگڙجي وئي جنهن کانپوءِ هو فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.