موبائل فون نه پر 50 ميٽر اوچو موبائيل ٽاور چوري، جاچ عملدارن جي ننڊ ڦٽي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) موبائيل فون چوري ٿيڻ يا ڦر ٿيڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي پر ڀارت ۾ چور اهڙو ته شاهينگ نڪتو جو 50 ميٽر اوچو موبائل ٽاور چوري ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب چوري جو هي منفرد واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڳوٺ اجيني ۾ پيش آيو، جتي چور 50 ميٽر بلند موبائل فون ٽاور کي به نه ڇڏيو ۽ چوري ڪري ويا. اهڙي عجيب چوري جاچ آفيسرن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي.

هي چوري ٿيل موبائل ٽاور نه رڳو 50 ميٽر اوچو هو پر ان جو وزن 10 ٽن هو. ان سان گڏ چور 8 لک 50 هزار رپين کان وڌيڪ جو سامان به کڻي ويا، جنهن ۾ موبائل ٽاور اسمبلي سان لاڳاپيل هڪ شيلٽر، اليڪٽريڪل فٽيننگ ۽ ٻيو سامان به شامل آهي.

پوليس موبائيل ٽاور چوري جي ايف آءِ آر راجيش ڪمار جي شڪايت تي داخل ڪئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ٽاور هن سال 31 مارچ تي چوري ٿيو هو. جڏهن ته، اڃا تائين اهو واضح ناهي ته واقعي جي رپورٽ اٺ مهينن بعد ڇو داخل ڪئي وئي.

رپورٽ موجب راجيش ڪمار ياديو نالي هڪ ٽيڪنيشن ٻڌايو ته سندس ڪمپني جنوري 2023 ۾ يوجني ڳوٺ ۾ عبيدالله نالي هڪ شخص جي فيلڊ ۾ موبائل ٽاور لڳايو هو. 31 مارچ تي، انسپيڪشن لاءِ فيلڊ جو دورو ڪيو ته ٽاور نه هو.

پوليس کي شڪ آهي ته ٽاور چوري ڪيو ويو جيئن ان کي وڪڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.