هڪ ڇوڪرو وڻندو هو، پر ماءُ کي نه وڻيو: تانيا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا تانيا حسين جو چوڻ آهي ته مون کي هڪ ڇوڪرو پسند هو پر منهنجي ماءُ انڪار ڪيو.

خانگي ٽي وي شو ۾ شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ڀينرن نتاشا ۽ تانيا حسين شرڪت ڪئي ۽ نجي زندگي ۽ ٻين موضوعن تي خيالن جو اظهار ڪيو.

نتاشا حسين چيو ته تانيا نيٽ فلڪس تي انگريزي شوز ڏسندي هئي ان ڪري مون کيس ڊرامو ڏسڻ لاءِ چيو.

هن چيو ته تانيا منهنجي ڪري ڊرامو ڏٺو ۽ چيو ته مان اداڪاري ڪنديس.

ميزبان تانيا حسين کان پڇيو ته ”اوهان سوچيو آهي ته همسفر ڪهڙو هوندو؟

اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجو لائف پارٽنر سنڀاليندڙ ۽ سهارو ڏيندڙ هئڻ گهرجي، جيئن آهيان اهڙي ئي پسند ڪري ۽ مون کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.

تانيا حسين جو چوڻ هو ته مون سوچيو ته مون کي ڪو لائف پارٽنر مليو آهي پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ منهنجي ماءُ انڪار ڪيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ تانيا حسين چيو ته هو لاڙڪاڻي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهي هئي ته کيس گهرڀاتي ياد اچي رهيا هئا، اداڪاري ۾ مستقبل نٿو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.