انڊونيشيا ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سان 11 سياح فوت ٿي ويا

انڊونيشيا جي سماٽرا ۾ مائونٽ ميراپي ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سان 11 سياح فوت ٿي ويا.
انڊونيشيا جي اولهه سماٽرا ۾ مائونٽ ميراپي ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کانپوءِ 11 سياحن جا لاش برآمد ڪيا ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 12 جبل چاڙهو گم ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب گذريل ڏينهن اولهه انڊونيشيا ۾ مائونٽ ماراپي تي ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب جابلو علائقي ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا.
2891 ميٽر جي اوچائي تي موجود مائونٽ ميراپي کي انڊونيشيا ۽ جاوا ۾ فائر مائونٽين چيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.