چونڊن لاءِ لکين اهلڪارن جي کوٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط موجب چئني صوبن ۽ وفاق ۾ چونڊن لاءِ 2 لک 77 هزار 558 اهلڪارن جي کوٽ آهي. پولنگ اسٽيشنن تي پاڪ فوج ۽ ٻين اهلڪارن جي مقرري جا انتظام ڪيا وڃن.

سڄي ملڪ ۾ چونڊن لاءِ 5 لک 91 هزار 106 اهلڪار گهربل آهن پر چونڊن لاءِ 3 لک 28 هزار 510 اهلڪار موجود آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 7 ڊسمبر تائين سڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ بابت آگاهه ڪيو وڃي.

وفاقي راڄڌاني ۾ 9 هزار سڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي. اسلام آباد لاءِ 4500 اهلڪار موجود آهن جڏهن ته 4500 اهلڪارن جي کوٽ آهي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني کي خط لکي چيو آهي ته پاڪ فوج، سول آرمڊ فورسز جي مقرري ۽ ڪوئڪ ريسپانس فورس جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.