برياني جي پليٽ مان ڀُڳل ڪرڙي هٿ، همراهه کي بيهوشي جا دورا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر حيدرآباد جي مشهور ريسٽورنٽ مان آرڊر ڪيل برياني مان مئل ڪرڙي نڪتي، جنهن جي وڊيو سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب وشوا اديتيه نالي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار حيدرآباد جي مشهور ريسٽورنٽ مان بریاني جو آرڊر ڏنو پر ان کي تمام خراب تجربو ٿيو.

وشوا آديتيه جو چوڻ هو ته برياني ۾ مئل ڪرڙي جنهن کان پوءِ اسان ريسٽورنٽ کي شڪايت ڪئي پر اسان جي شڪايت کي نظرانداز ڪيو ويو.

بعد ۾، هن زبردستي هڪ وڊيو ٺاهي ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي جيڪا فوري طور تي وائرل ٿي وئي ۽ ماڻهن مشهور ريسٽورنٽ خلاف آواز اٿاريو.

هي ڪو پهريون واقعو ناهي پر ڀارت ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. تازو ئي اتر پرديش رياست ۾ هڪ پيءُ ۽ سندس ڌيءَ اتفاقي طور تي سموسن سان گڏ ڪرڙي کائي ڇڏي هئي.

واضح رهي ته دڪاندار خلاف هن وقت تائين ڪنهن ڪارروائي ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.