ڏيساور ۾ به ثقافتي بهار، دبئي ۾ رنگ نکري آيا

دبئي(م ڊ) سنڌ فرينڊز فورم (UAE) پاران  پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي آڊيٽوريم ۾ شاندار ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب ٿي   گذري جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي سوين سنڌين فيمليز سميت شرڪت ڪئي. ثقافتي پروگرام ۾ سنڌ فرينڊز فورم جي ڪنوينر بشير آريسر آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ اسپانسرز ۽ ھمدرد ساٿين جا ٿوارا مڃيا. پروگرام جي ميزباني جا فرض بهترين آرٽسٽ سجاد سهاڳ سرانجام ڏنا جڏھن تہ فيميل ھوسٽ روميسا سروھي پڻ سندس ساٿ ڏنو.  ثقافتي تقريب ۾ سنڌ جي مستحق ۽ ھوشيار شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ مالي سھائتا ڏيڻ تي معاون دوستن پرديپ ڪمار، امين لاکو، شفيق شاھاڻي ۽ سرتاج جوڻيجو کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ آمريڪا مان آيل حبيب ڀٽو، شفيق شاهاڻي، ڊاڪٽر سحر گل، شوڪت سرڪي، فدا چانڊيو، راجا ڀون، ساگر لارائي، امين لاکو، سرتاج جوڻيجو، رسول بخش سومرو، پرديپ ڪمار، الله بخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر خليل الرحمان لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي پروگرام جو مهمان خاص  سماجي متحرڪ ڪردار ماما احسان لغاري هيو، جنهن کي فورم جي ڪنوينر بشير آريسر اجرڪ پارائي ۽ پروگرام جي آرگنائيزر فھد ابڙو گلدستو پيش ڪيو. سنڌ ۽ ھند جي بھترين آرٽسٽن، شاعرن ۽ اسڪالرن شرڪت ڪئي ۽ پروگرام کي يادگار بڻائي ڇڏيو. فورم جي آرگنائيزرن پدم وير، وقار شاهه، مالڪ سومرو، ٻيجل سنڌي، چاچا الله نواز ميمڻ، سارنگ ٽالپر ۽ ٻين پاران اسپانسرز  ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان آيل مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا، جڏھن تہ پروگرام ۾ آيل ۽ سنڌي ثقافتي ويس پھريل گلڙن جھڙن ننڍڙن ٻارڙن کي اسٽيج تي گھرائي کانئن سنڌي سوال پڇيا ۽ تحفا پڻ ورهايا ويا. مزاحيه آرٽسٽن علي گل ملاح، سهراب سومرو، ۽ فضيلت بيگم بهترين خاڪا ۽ مزاحيه ٽيبلو پيش ڪري ماڻهن کي کلائي کلائي کيرون ڪيو. جڏھن تہ موسيقي واري سيشنز ۾ سنڌ ۽ هند جا ناليوارا راڳي شھنيلا علي، ضامن علي، زاھد شيخ، فھيم علڻ فقير، شيراز پيرزادو، دادا ڪمليش ۽ سنڌ جي موسيقي کي جدت ڏيندڙ مشھور نوجوان فنڪار سيف سميجو ان جي اسڪيچز  بئنڊ جي ساٿين بهترين پرفارم ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. سنڌ فرينڊز فورم جي آرگنائيزرن ۽ رضاڪار دوستن مرتضي کھاوڙ، سراج شيخ، فيصل ابڙو، عامر ٽالپر، زين سومرو، عرفان پنھور، جنيد عمراڻي، نواز سومرو، چنچل راج، چتر وير، علي عباس بهراڻي، حسين پتافي، نويد لانڊر، عرفان عباسي، جبار مري، ڊاڪٽر عبدالله ڪلهوڙو، صدرالدين وسطڙو، اياز چانڊيو ۽ ٻين پروگرام ھال اندر مھمانن کي ويھارڻ ۽ نظم و ضبط قائم رکڻ سميت مختلف انتظامي ذميواريون سنڀاليون.تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو چينل جي مختلف صحافين سارنگ سنڌي، فهد شيخ، اسحاق سومرو، مجيب ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن تہ سنڌ فرينڊز فورم جي آرگنائيزرس پاران پروگرام اٽينڊ ۽ ڪور ڪندڙ سڀني صحافين جا ٿورا مڃيا ۽ کين اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.