سعودي عرب ۾ 17 هزار غيرقانوني پرڏيهي گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ گذريل هفتي 17 هزار 976 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اهي گرفتاريون 23 نومبر کان 29 نومبر 2023 وچ ۾ ٿيون. غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي موجب سمورا گرفتار ڪيل 10881 ماڻهو اقامي جي قانونن جو ڀڃڪڙيون ڪري رهيا هئا 4149 سرحدي ماڻهن سرحدي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪيون جڏهن ته 2936 ماڻهو ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا.
ان عرصي دوران 700 گرفتار ٿيل ماڻهو سرحد ٽپي ملڪ ۾ غير قانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. انهن امن 40 سيڪڙو يمني، 56 سيڪڙو ايٿوپي جڏهن ته 4 سيڪڙو ٻين ملڪ جا آهن. اهڙيءَ طرح سرحد ٽپي غير قانوني طور تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندي 128 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪميٽي چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي سهولتڪاري ڪندڙ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.