انا پرست مرد سڀ کان وڏو معاشرتي مسئلو آهن:ديا مرزا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ماحولياتي بابت ڪم ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا چيو آهي ته انا پرست مرد سڀ کان وڏو معاشرتي مسئلو آهن، اهي پاڻي کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن ديا مرزا ماحولياتي مسئلن سوڌو شوبز ڪيريئر تي به کُلي ڪري ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ماضي ۾ ماڻهو سالن تائين پراڻا ڪپڙا پهرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا پر هاڻي هر ڀيري نيون شيون استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي.
هن انٽرويو دوران ٻڌايو ته ماحوليات کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڳواڻن کي پهريان پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو، کين عملي طور تي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي به تبديلي چاهين پيا.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ بالي ووڊ ۾ هڪ خاص عمر کان پوءِ اداڪارن کي ڪردار نه ڏنا ويندا هئا جڏهن ته مرد اداڪار پوڙها هجڻ باوجود هيرو جي طور تي ايندا هئا پر هاڻي شيون تبديل ٿي رهيون آهن.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته کيس سڄي ڪيريئر ۾ هر وقت صنفي تعصب کي منهن ڏيڻو پيو، کيس ننڍي قد جي ڪري ٽوڪيو ويندو هو، کيس چيو ويو ته هوءِ ماڊلنگ لاءِ مناسب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.