ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق کي به پي سي بي ۾ عهدو ملي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ بيٽر اسد شفيق کي سليڪٽر ۽ ڪنسلٽنٽ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب اسد شفيق پهريون ڀيرو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جو حصو هوندو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪراچي مان سليڪٽر بڻجندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد شفيق پهرين جنوري کان پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو ۽ نيوزيلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ توصيف احمد ۽ وهاب رياض جي مدد ڪندو.
اسد شفيق اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن ڪامران اڪمل، سلمان بٽ ۽ رائو افتخار انجم سان گڏجي ڪم ڪندو.
ذريعن موجب اسد شفيق هن وقت قومي ٽي ٽوئنٽي ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي دستيابي کان آگاهه ڪندو.
4 سالن کان قومي ٽيم کان ٻاهر ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق سنڌ پريميئر ليگ کيڏي پنهنجون ذميواريون شروع ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪامران اڪمل، سلمان بٽ ۽ رائو افتخار انجم کي چيف سليڪٽر وهاب رياض جي ڪنسلٽنٽ جون ذميواريون ڏنيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.