يوا اي اِي ويندڙ پاڪستانين لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتقي الروميتي چيو آهي ته يو اي اِي ويندڙ پاڪستانين کي عربي ڪورسز لازمي ڪرڻ گھرجن.
گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي عالمي اردو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني ۽ عرب شاعري ۾ گھڻي هڪجهڙائي آهي، پاڪستان ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان ڪتاب يو اي اِي پهچايا ويندا.
هن چيو ته يو اي اِي ۾ ڪتابن جي عربي ۾ ترجما ڪيا ويندا، پاڪستاني ثقافت تي به گھڻا ڪتاب يو اي اِي موڪليا ويا.
سندس چوڻ هو ته يو اي اِي ۾ آءِ ٽي، صحت ۽ بئنڪنگ جا شعبا گھڻا مضبوط آهن.
قونصل جنرل جو چوڻ هو ته گڏيل يو اي اِي ويندڙ پاڪستانين کي عربي ڪورسز لازمي ڪرڻ گھرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.