اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاروباري هفتي ۾ نوان رڪارڊ ٺاهي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسينج ڪاروباري هفتي ۾ نوان رڪارڊ جوڙي ڇڏيا، هڪ هفتي ۾ 100 انڊيڪس 2604 پوائنٽون واڌ سان نئين بلند سطح 61 هزار 691 تي بند ٿيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ نوان رڪارڊ ٺهيا.
هڪ هفتي ۾ 100 انڊيڪس 2604 پوائنٽون واڌ سان نئين بلند سطح 61691 تي بند ٿيو، جڏهن ته ڪاروباري هفتي ۾ 100 انڊيڪس 2780 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو.
ڪاروباري هفتي ۾ 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 61 هزار 779 رهي ۽ 100 انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 58 هزار 999 رهي.
هڪ هفتي ۾ بازار ۾ 3.12 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو ۽ شيئرز بازار جي هفتيوار ڪاروبار جي ماليت 113 ارب رپيا رهي.
ڪاروباري هفتي ۾ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 335 ارب رپين مان وڌي 8885 ارب رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.