ڏکڻ ڪوريا پهريون فوجي جاسوس سيٽلائيٽ مدار ۾ موڪلي ڇڏيو

سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا پنهنجو پهريون فوجي جاسوس سيٽلائيٽ (هٿرادو سيارو) مدار ۾ موڪلي ڇڏيو، اسپيس ايڪس فالڪن نائن راڪيٽ ڏکڻ ڪورين سيٽلائيٽ کي کڻي روانو ٿيو.
ڏکڻ ڪوريا جي بچاءَ واري کاتي جو چوڻ هو ته لانچ کان پوءِ سيٽلائيٽ جو اوور سيز گرائوڊ اسٽيشن سان رابطو قائم ٿي ويو آهي.
اسپيس ايڪس جي راڪيٽ جي مدد سان موڪليل ڏکڻ ڪوريا جو سيٽلائيٽ هڪ اليڪٽرو آپٽيڪل ۽ افراريڊ ڊوائيس آهي جڏهن ته ان سان سلهاڙيل ٻيا چار سيٽلائيٽ سنٿيٽڪ اپرچر ريڊا جي طور تي ڪم ڪندا، جن جي مدد سان سيٽلائيٽ رات جي اونداهه ۽ ڪڪرن جي پار ڏسڻ جوڳو ٿي ويندو.
ڏکڻ ڪوريا جي سيٽلائيٽ جي مدد سان اتر ڪوريا تي نظر رکي سگھبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.