اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا وڃڻ جي خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي، ڪئناڊا 2024-2026 لاءِ پرجوش اميگريشن ليول پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ان منصوبي ۾ 2024ع 485,000 نون رهواسين جي هدف جو ڪاٿو پيش ڪيو ويو آهي،جيڪو 2025ع ۾ وڌيڪ 500,000 ٿي ويندو ۽ 2026ع ۾ انهيءَ سطح تي برقرار رهندو.
(IRCC)جي سربراهي ۾ کنيل اهي اهم قدم حڪمت عملي سان مزدورن جي شديد کوٽ کي ختم ڪندا، اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيندا، ۽ خاندان جي ٻيهر اتحاد ۾ سهولت فراهم ڪندا.
ان منصوبي ۾ زال مڙس، ڀائيوارن، ٻارن، والدين ڏاڏي ڏاڏِي جي پروگرام تي ڌيان ڏيندي خاندان جي ٻيهر اتحاد تي به زور ڏنو ويو آهي.
ڪليدي عنصرن ۾ فرانسيسي ڳالهائيندڙ اميگريشن ۾ اضافو، صحت ۽ STEM جهڙن شعبن ۾ ليبر مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ايڪسپريس انٽري ۽ صوبائي نامزدگي پروگرام جي داخلا جا مخصوص هدف شامل آهن.
Prev Post
You might also like