دبئي:پاڪستاني اسڪول عالمي ايوارڊ کٽي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسڪول موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٿيل زايد سسٽين ايبيلٽي ايوارڊ کٽي ورتو.
زايد سسٽين ايبيلٽي ايوارڊ جي تقريب دبئي ايڪسپو ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي جنهن ۾ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ڪورٽ ايجوڪيشن اسڪول جي ذهين پاڪستاني شاگردياڻي سمعيه کي ايوارڊ سان نوازيو، پاڪستان اسڪول گلوبل هاءِ اسڪول جي ڪيٽيگري جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستاني اسڪول ڪورٽ ايجوڪيشن ڪامپليڪس مقابلي دوران گھٽ ۾ گھت پاڻي سان باغ پوکڻ جو منصوبو پيش ڪيو هو ۽ اهو منصوبو اسڪول جي ٻن شاگرديانين سمعيه ۽ ڪنزا پيش ڪيو هو.
ڪورٽ ايجوڪيشن ڪامپليڪس مظفر آباد ۾ قائم آهي جيڪو آزاد ڪشمير ۾ 2005ع ۾ آيل خطرناڪ زلزلي ۾ يتيم ٿيل ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو هو.
صحت، پاڻي، خوراڪ، توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪيٽيگريز ۾ زايد سسٽين ايبيلٽي ايوارڊ کٽيندڙ ٽيم کي 10 لک ڊالر انعام ڏنو ويندو ۽ ڏيڍ لک ڊالر هر گلوبل هاءِ اسڪول ونر کي فراهم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.