پي ٽي آءِ جي خط تي چيف جسٽس جواب ۾ تفصيلي پريس رليز جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تحريڪ انصاف طرفان لکيل خط تي پريس رليز جي صورت ۾ تفصيلي جواب ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب پهرين ڊسمبر 2023 تي 12 لڳي 12 منٽن تي درخواست وصول ٿي، چيف جسٽس کي وصول دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جهڙو آهي.
پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته وصول دستاويز ۾ ڪنهن جو نالو داخل ناهي ڪيو ويو، وصول لفافي موجب درخواست انتظار حسين پنجوٿا موڪلي، دستاويز ظاهري طور هڪ سياسي جماعت طرفان موڪليو ويو، جنهن جي نمائندگي وڪيل ڪندا رهيا.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته تازو سپريم ڪورٽ ۾ ان جماعت جا وڪيل اهم ڪيسن، فوجي عدالتن ۽ چونڊن جي پيروي ڪري ان جي تڪميل ڪندا رهيا، حيرت جي ڳالهه آهي ته لفافي جي صورت ۾ دستاويز اڳ ئي ميڊيا کي جاري ٿي چڪو هو.
پريس رليز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سڀ يقين رکن ٿا ته چيف جسٽس کي پنهنجي آئيني ذميوارين جي چڱي ريت خبر آهي، چيف جسٽس تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهجي، نه ئي هو جانبداري ڪندو، الله جي فضل سان چيف جسٽس پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۽ عهدي جي حلف جي پاسداري ڪندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.