سائفر ڪيس ۾ صدر کي خاص عدالت طلب ڪرڻ جي درخواست رد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خاص عدالت ٻڌايو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جو اڊيالا جيل ۾ جاري سائفر ڪيس جو ٽرائل نئين ترميم تحت نه پر سيڪريٽ ايڪٽ 1923 تحت ڪيو پيو وڃي.
اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، ميڊيا جي نمائندن کي عدالتي حڪم باوجود اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي.
شاهه محمود قريشي جج کان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي اسان جو ڪهڙي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 يا 2023 تحت ٽرائل ٿي رهيو آهي؟ ان قانون تحت اسان جي ٽرائل جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو نه منهن آهي نه سِر، نئين ايڪٽ کان صدر به انڪاري آهي.
شاهه محمود قريشي صدر کي عدالت طلب ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته صدر کي گهرائي حلف ورتو وڃي ته نئين ايڪٽ جي هن منظوري ڏني آهي يا نه، عمران خان کي نه ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ڪيس جيل کان ٻاهر عدالت ۾ ٻڌو وڃي.
عدالت شاهه محمود قريشي چيو ته توهان ۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو ٽرائل الڳ نٿو ٿي سگهي، اهو ڪيس انٽر لنڪ آهي، توهان جو ٽرائل آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 جي سيڪشن 5 ۽ 9 تحت ٿيندو.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين رڳو جوابدارن جي حاضري لڳائي ڪيس جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.