تاريخي فراڊ: پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ شهري اربين رپيا وڃائي ويٺا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور جي رهواسي ذوالفقار علي گهر ۾ موجود زيور ۽ گاڏي وڪرو ڪئي ته جيئن هو هڪ نجي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪري پنهنجي ڌيئرن جي شادي ڪرائي سگهي.

هن گهر جي سڀني ماڻهن کان رقم گڏ ڪئي ۽ وقفي وقفي سان ڪمپني ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جي سيڙپڪاري ڪئي.

ذوالفقار علي کي ڪجهه ماڻهن ٻڌايو هو ته پرائم زون ايل پي جي نالي ڪمپني کيس هر مهيني ست کان 14 سيڪڙو تائين منافعو ادا ڪندي.

خابرو اداري کي هن ٻڌايو ته مان پنهنجي ڌيئرن جي شادي ڪرڻ چاهيندي هيس، مان ريتائرڊ ٿي چڪو هيس.

هن چيو ته پنج سئو کان وڌيڪ متاثرن جو الزام آهي ته پرائم زون نالي نجي ڪمپني ساڻن اربين رپين جو فراڊ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.