لاهور ۽ سيالڪوٽ بهتر آهن، ڪراچي ۾ منرل واٽر سان وهنجندو آهيان: نوجوان اداڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار خاقان شاهنواز انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڪراچي ۾ فلٽر جي پاڻي سان وهنجندو آهي.

پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ اداڪار خاقان شاهنواز پنهنجي اکين ۽ چمڙي جي ڪري گهڻو مشهور آهي جنهن حوالن سان مختلف پروگرامن ۾ سندس خوبصورتي بابت سوال ڪيا ويندا آهن.

اداڪار شاهنواز تازو ئي هڪ شو ۾پنهنجي اداڪاري سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ميزبان طرفان خاقان کان سيالڪوٽ ۽ ڪراچي جي آب و هوا بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته سيالڪوٽ جو زميني پاڻي تمام سُٺو آهي جنهن جي ڪري چمڙي ۽ وار اڃا به سُٺا ٿي ويندا آهن.

ان سان گڏ هن ڪراچي جي حوالي سان چيو ته ڪراچي جو پاڻي خراب آهي، چمڙي ۽ وار خراب ٿي وڃن ٿا انڪري هو ڪراچي ۾ فلٽر جي پاڻي سان وهنجندو آهي.

هن چيو ته لاهور جو پاڻي ڪراچي کان بهتر آهي، پر سيالڪوٽ جو پاڻي لاهور جي پاڻي کان به وڌيڪ سُٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.