ٽرافي تي پير رکڻ وارو معاملو: مارش جو ڀارتين کي ٺپ جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ بعد ٽرافي تي پير رکڻ واري معاملي تي آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر مچل مارش ڀارتين کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات کان اڳ آسٽريلوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي مچل مارش چيو ته ٽرافي تي پير رکي ڪا توهين ناهي ڪئي، مان ان بابت وڌيڪ نه سوچيو پر ميگا ايونٽ جي فوري بعد ڀارت خلاف سيريز جي ڪري ڪاميابي جو جشن ملهائي نه سگهيس.

آسٽريلوي ڪرڪيٽر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هو ٻيهر اهو عمل ورجائيندو جنهن تي مارش جواب ڏنو ته سچ پڇو ته ها.

مچل مارش ورلڊ ڪپ بعد سيريز تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ميگا ايونٽ کٽڻ بعد شايد اسان جشن ملهائڻ ۽ پنهنجي گهرڀاتين سان وقت گذارڻ جا مستحق هئاسين، اميد ڪنداسين ته وڏي ٽورنامينٽ بعد ٻيهر سيريز نه ٿيندي.

ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي ڪيترن ئي ميمبرن ڀارت ۾ سيريز سبب اسٽيو اسمٿ، ايدم زمپا، گلين ميڪسويل، مارڪس اسٽوئنس، جوس انگليس ۽ شان ايبٽ کي ڀارت ۾ ئي رکڻو پيو هو جنهن جي ڪري ٽيم ورلڊ ڪپ جون خوشيون ملهائڻ کان قاصر رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.