ماهرا خان بالي ووڊ کان پوءِ ماليالم فلم ۾ ڊيبيو لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ کانپوءِ ماليالم فلم ۾ به ڊيبيو لاءِ تيار آهي.
اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ ۾ شاهه رخ خان جي فلم ”رئيس“ سان ڊيبيو ڪيو هو پر هاڻي هوءَ ماليالم فلم انڊسٽري ۾ به ڊيبيو ڪندي.
ڀارتي ميڊيا موجب ماليالم فلم انڊسٽري جي شهور اداڪار ۽ هدايتڪار پرٿوي راج جي فلم ”لوسيفر“ جي ٻئي پارٽ ‘L2: Empuraan’ ۾ ماهرا خان کي به ڪاسٽ ڪيو ويندو.
ماهرا خان بلاڪ بسٽر ماليالم فلم ”لوسيفر“ جي ٻئي پارٽ ۾ ماليالم سپر اسٽار موهن لال سان گڏ مک ڪردار ۾ نظر ايندي جڏهن ته هدايتڪار پرٿوي راج فلم ‘L2: Empuraan’ ۾ ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪرڻٻ جي حوالي سان باضابطا طور تي ڪو به اعلان ناهي ڪيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هدايتڪار پرٿوي راج ۽ سندس زال جي ماهرا خان ۽ هن جي مڙس سليم ڪريم سان گهري دوستي آهي جنهن جي ڪري اهي اڳڪٿي ڪيون پيون وڃن ته فلم ‘L2: Empuraan’ ۾ ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪيو ويندو.
ٻي پاسي ماهران خان جو هڪ انٽرويو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن کي ماليالم فلم انڊسٽري ج تعريف ڪندي ٻڌي سگھجي ٿو، ماهرا خان ماليالم ادارن ۽ پروڊڪشن جي تعريف ڪئي ۽ انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ بابت پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.