نواز شريف سان ڏاڍي ٿي وئي آهي:بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وڪيل اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اسان هر سيٽ تي وڙهنداسين ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ اميدوار هوندو، نواز شريف سان ڏاڍي ٿي وئي آهي.
بابر اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا، سڀاڻي 2 ڊسمبر تي پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ٿي وينديون.
هن چيو ته ڪالهه چيف جسٽس آف پاڪستان کي آئون چيو ته اليڪشن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ به نظر اچڻ گھرجي، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته هڪ پارٽي کي نڪرڻ نه پيا ڏيو اها ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ آهي.
بابر اعواڻ جو اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف بابت چوڻ هو ته نواز شريف سان ڏاڍي ٿي وئي آهي، جيتري وڻيو رليف ڏيوس سميع الله واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کيس نااهل ڪيو آهي.
هن چيو ته ان ڪيس ۾ رڳو سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ ئي سزا کي ختم ڪري سگھي ٿو، 55 ججن جي فيصلي کي ختم ڪرڻ لاءِ 7 ججز جو فيصلو گھرجي، نواز شريف جي ڪيس ۾ سندس وڪيل ريوو فائيل ڪيو پر اهو خارج ڪيو ويو.
پي ٽي اڳواڻ چيو ته خيبرپختونخواهه جي خودمختياري تي حملو ٿيو آهي، فاٽا جي ڇاٿي تي ظلم ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته فاٽا جون 5 سيتون ڪهڙي اختيار سان ختم ڪيون ويون؟ آئين ۾ لکيل آهي ته قومي اسيمبلي جون 342 سيٽون هونديون هنن 5 اڏائي ڇڏيون.
هن وڌيڪ چيو ته اها سڌي سڌي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهي، آئين موجب فاٽا کي خاص ڌيان ۽ خاص رعايت ملڻ گھرجي،فاٽا جو عوام نواز شريف کي ووٽ کي ووٽ نه ڏيندو ان ڪري هنن سان زيادتي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته فاٽا ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن انهن سان گڏ آهيان، صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.