اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي ميدان ۾ هنڊا اچي وئي

ٽوڪيو: (ويب ڊيسڪ) جاپاني موٽر ڪمپني هونڊا موٽر 2030 تائين 3.4 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو

اعلان ڪيو آهي ته جيئن اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن ۽ بيٽرين لاءِ فيڪٽريون ٺاهيون وڃن.

هونڊا موٽرز 2030 تائين اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن لاءِ پنهنجي عالمي سيلز جو هدف 4 ملين يونٽن تائين وڌائي

ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل منصوبي تحت 3.5 ملين کان وڌي ويو آهي.

جاپاني خبر ايجنسي هونڊا موٽرز جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو 2030 تائين تقريبن 30 ماڊل جون موٽرسائيڪلون تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ 2025 تائين گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڊل پيش ڪيا ويندا.

هونڊا جي هڪ آفيسر چيو ته ڪمپني اثرائتي انداز ۾ پراڊڪٽس پيش ڪندي جيڪي مختلف عالمي ضرورتن کي

پورو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.