مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽس آهن:وفاقي گھرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ٿريٽ ناهن، مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽس آهن.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته عام چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اسان شفاف چونڊن لاءِ هر طرح جي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. سيڪيورٽي ٿريٽس آهن پر اسان سدائين جيان چئلينجز کي منهن ڏئي وٺنداسين.
نگران وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هوته اسان لاءِ سڀ ماڻهو عزت جي قابل آهن، سڀ پنهنجي اليڪشن مهم هلائين، پي ٽي آءِ کي ٿريٽ ناهن، مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽس آهن.
هن چيو ته اسان جي پوزيشن اڻڌري آهي، اسان لاءِ سڀ برابر آهن اسان جي وزارت کان ميان صاحب کي ڪو به رليف ناهي مليو.
سرفراز بگٽي اهو به چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو معاملو عدالتن ۾ آهي عدالت ۾ هلندڙ معاملي تي ڳالهائڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري ريسٽ هائوس ۾ رهايو ويو هجي، ائين ناهي ٿيو ته هڪ جوابدار کي ڏسي عدالت ۾ چيو وڃي ته گڊ ٽو سي يو.
نگران وفاقي گھرو وزير چيو ته بلوچستان ڪافي وقت کان پوءِ پيپلز پارٽي ايترو وڏو جلسو ڪيو، ليول پليئنگ فيلڊ هئي تڏهن پ پ جلسو ڪري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.