حڪومت جو ٻئي فيز ۾ 24 ادارا خانگائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻئي فيز ۾ 24 ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن ۾ پاور ڊسٽريبيوشن، پاور پروڊيوسرز ڪمپنيون، مينوفيڪچرنگ ڪمپنين سميت ٻيون ڪمپنيون شامل آهن.
ناڻي واري وزارت سرڪاري ادارن لاءِ ايس او ايز پاليسي جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ حڪومت ٻئي فيز ۾ 24 ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايس او ايز پاليسي ۾ چيو ويو ته ٻئي فيز ۾ پاور ڊسٽريبيوشن، پاور پروڊيوسرز ڪمپنيون، مينوفيڪچرنگ ڪمپنيون، ڄامشورو پاور ڪمپني، نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ جي نجڪاري ٿيندي.
ان کانسواءِ لاکڙا پاور جنريشن ڪمپني لميٽيڊ، اسٽيٽ پيٽروليم رفائننگ، فنانشل انسٽيٽيوشنز، ريئل اسٽيٽ ڊويلپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپنين کي به ٻئي فيز ۾ خانگائيو ويندو.
ايس او ايز پاليسي موجب سئي گيس ڪمپنيون، زرعي ترقياتي بئنڪ سميت 10 وڌيڪ ادارن کي خانگائيو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ هو ته نجڪاري لاءِ آءِ ايم ايف سان به مشاورت ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.