نئين سال جي حج لاءِ درخواست جي وصولي شروع، ڪهڙا ڪهڙا پيڪيج آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل بئنڪ 2024ع جي حج لاءِ درخواستن جي وصولي شروع ٿي وئي.

نيشنل بئنڪ موجب مقدس فرض حج 2024ع لاءِ درخواستن جي وصولي شروع ڪئي وئي آهي درخواستون سڀني برانچز تي 12 ڊسمبر 2023ع تائين وصول ڪيون وينديون.

38 کان 42 ڏينهن جي حج لاءِ ڪراچي جي ڏکڻ ريجن، ڪوئيٽا ۽ سکر ۾ 1،065،000 رپيا في ماڻهو جمع ٿيندا.

اتر ريجن جي ٻين شهرين لاءِ حج جي فيس 1،075،000 في ماڻهو هوندي.

اسپانسر شپ حج اسڪيم ڪراچي جي ڏکڻ ريجن، ڪوئيٽا ۽ سکر جي فيس 3،765 ڊالر، اتر ريجن ۽ ٻين شهرن لاءِ فيس 3،800 في ماڻهو مقرر ڪئي وئي آهي.

20 کان 25 ڏينهن واري حج پيڪيج ۾ 3کان 4 ڏينهن تائين مديني ۾ رهائش آهي.

ڪراچي جي ريگولر ڏکڻ ريجن، ڪوئيٽا، سکر لاءِ حج جي فيس 1،140،000 روپيا في ماڻهو ۽ اتر ريجن جي ٻين شهرن لاءِ 1،150،000 في ماڻهو آهي.

اسپانسر شپ حج اسڪيم ڏکڻ ريجن ڪراچي، ڪوئيٽا، سکر لاءِ حج جي فيس 4،015 في ماڻهو ۽ اتر ريجن جي ٻين شهرن لاءِ 4،050 ڊالر في ماڻهو فيس مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.