ملازمن کي موٽرسائيڪل يا گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترو لون ملندو؟وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سول ايويئيشن اٿارٽي (سي اي اي) جي ملازمن کي سروس گروپ تحت گاڏي ۽ موٽرسائيڪل لاءِ ايڊوانس لون ڏنو ويندو.
سول ايويئيشن اٿارٽي (سي اي اي) ملازمن ۽ آفيسرن لاءِ گاڏين جي ايڊوانس لون جي نئين پاليسي جاري ڪري ڇڏي.
سي اي اي ٻڌايو ته ملازمن کي سروس گروپ موجب ڪار، موٽرسائيڪل، سائيڪل جو قرض فراهم ڪيو ويندو، سروس گروپ 1 کان 2 جي ملازم کي سائيڪل لاءِ 25 هزار رپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو.
پاليسي تحت سروس گروپ 1 کان 11 جي ملازمن کي موٽرسائيڪل لاءِ ڏيڍ لک قرض ڏنو ويندو جڏهن ته ايگزيڪٽو گروپ 1 جي ملازم کي 2 لک رپيا لون ملندو.
سي اي اي جو چوڻ هو ته گروپ 5 کان 9 جي آفيسرن کي 7 کان 13 لک رپيا گاڏي جو ايڊوانس لون ملندو جڏهن ته پي گروپ کي 5 کان 11 جي اسپيشل پرسن ملازمن کي 13 لک رپيا لون ڏنو ويندو.
ان کانسواءِ ايگزيڪٽو گروپ هڪ جي آفيسرن کي 20 لک رپيا گاڏي جو لون ملندو جڏهن ته ايگزيڪٽو گروپ 2 کان 10 وارن ملازمن کي 20 لک رپين تائين گاڏي جي خريداري جو لون ملندو.
سي اي اي چيو آهي ته گاڏين لاءِ حاصل ڪئي ويندڙ ايڊوانس لون تي وياج جي شرح ساليانو 10 سيڪڙ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.